دادو: پيٽرول پمپ تان ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج
دادو: پيٽرول پمپ تان ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج دادو ويجهو پيٽرول پمپ تان ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پمپ ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته موٽر سائيڪل سوار ٻـ هٿياربند تيل ڀرائڻ بهاني اچي هٿيارن جي زور تي ٽيھه ھزار روڪ رقم، موبائيل فون ۽ سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدران کي گرفتار ڪيو وڃي. پوليس جو چوڻ اهي ته ڦر اطلاع بعد واقعي تفصيل معلوم ڪيا، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن ڳولا جاري آهي، جلد کين قانوني ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو .
Designed & Developed by
Aftab Tunio
