تازه ترين
گل پلازا کي باهه ٻار جي هٿان لڳي، حتمي جاچ رپورٽ تيار

گل پلازا کي باهه ٻار جي هٿان لڳي، حتمي جاچ رپورٽ تيار، وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي، ڪراچيءَ جي ڪمشنر ۽ ايڊيشنل آءِ جيءَ تي ٻڌل ڪميٽيءَ حتمي جاچ رپورٽ تيار ڪري ورتي، ذريعن موجب، جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گل پلازا ۾ گرائونڊ فلور تي موجود هڪ ٻار جي هٿان گلن جي دڪان ۾ باهه لڳي، جيڪا تيزيءَ سان ۽ ايئر ڪنڊيشن جي ڊڪٽ مان پکڙجي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته باهه لڳڻ سبب 79 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، سڀ کان وڌيڪ موت ميزنائين فلور ٿيا، ڪمشنر ڪراچي رپورٽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪندو.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio