تازه ترين
ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ وڪيلن جو 10 هين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري، وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ

تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪيلن سميت مختلف تنظيمن پاران احتجاج جو سلسلو جاري، ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ وڪيلن جو 10 هين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري، وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ، اوٻاوڙي ويجهو سنڌ پنجاب دنگ ڪمون شهيد وٽ به پنجين ڏينهن ڌرڻو لڳل، وڪيلن، سياسي، سماجي ڪارڪنن، شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، سنڌ کان پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل، وڪيل اتحاد ۽ آل پارٽيز موومينٽ جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ ۾ باءِ پاس وٽ انڊس هاءِ وي تي ستين ڏينهن به ڌرڻو جاري، مظاهرين جو چوڻ آهي ته جيستائين ڪينال رٿا ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نٿو ٿئي تيستائين ڌرڻا جاري رھندا

خبرون