تازه ترين
پهلگام واقعي کي بنياد بڻائي ڀارت 24 کان 36 ڪلاڪن ۾ حملو ڪري سگهي ٿو: عطا تارڙ

پهلگام واقعي کي بنياد بڻائي ڀارت 24 کان 36 ڪلاڪن ۾ حملو ڪري سگهي ٿو، پاڪستان وٽ اطلاع آهن ته ڀارت ايندڙ 36 ڪلاڪن دوران فوجي ڪارروائي جو ارادو رکي ٿو، ڀارت جي ڪنهن به اڳرائي جو فيصلائتي جواب ڏنو ويندو، اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ جي اهم ڳالهه ٻولهه، چوي ٿو، پاڪستان پاڻ ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار آهي، پاڪستان پهلگام واقعي جي آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي جاچ جي آڇ ڪئي، پهلگام واقعي سان واڳيل سڀ الزام بي بنياد آهن، ڀارت جا اپاءَ خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کي جنم ڏيندا، پاڪستان دنيا ۾ ڪنهن به شڪل ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، جنگ سبب ٿيندڙ تباهي جو ذميوار ڀارت هوندو، پاڪستاني قوم پنهنجي سلامتي جو هر قيمت تي دفاع ڪندي

خبرون