تازه ترين
ايراني چيف آف جنرل اسٽاف  جو  اسرائيل خلاف وڏي ڪارروائي جو اعلان

ايراني هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل سيد عبدالرحيم موسوي اسرائيل خلاف وڏي آپريشن جي اڳڪٿي ڪندي اسرائيلي عوام کي فوري طور تل ابيب ۽ حيفا ڇڏڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ميجر جنرل سيد عبدالرحيم موسوي چيو ته ايران پاران هيل تائين ڪيل ڪارروائي صرف هڪ وارننگ هئي، حقيقي ۽ فيصلائتي ڪارروائي اڃا تائين باقي آهي، جيڪا جلد ڪئي ويندي. هن اسرائيلي شهرين کي خبردار ڪندي چيو ته هو پنهنجيون جانيون بچائڻ لاءِ فوري طور تي حيفا ۽ تل ابيب شهر خالي ڪن، ڇاڪاڻ ته جلد ئي انهن علائقن ۾ وڏيون ڪارروائيون ڪيون وينديون. ميجر جنرل موسوي زور ڏنو ته ايراني قوم، هٿياربند فوج جي اڳواڻي ۾، ضرور شهيدن جي خون جو بدلو وٺندي ۽ اسرائيل کي ان جي ڏوهن جي سزا ڏني ويندي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio