گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد جو ايراني هم منصب سان فون تي رابطو
گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد جو ايراني هم منصب مسعود پزشڪيان سان فون تي رابطو ڪيو. شيخ محمد بن زايد اسرائيلي فوج پاران ايران کي نشانو بڻائڻ تي ايران سان ٻڌي جو اظهار ڪيو. نيوز ايجنسي موجب، گڏيل عرب امارت جي قيادت خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ قدم کڻڻ جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. شيخ محمد بن زايد امن ۽ استحڪام لاءِ سڀني قدمن جي حمايت جو به ورجاءُ ڪيو آهي. رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي تي ان جي سنگين اثرن تي غور ڪيو ڪيو.
Designed & Developed by
Aftab Tunio