تازه ترين
ناليواري ڳائڻي استاد محمد يوسف جي وڇوڙي کي 19 ورهيه گذري ويا

وڃ نه پري مون کان هٿڙو چڏائي جهڙو شاهڪار ڪلام ڳائي شهرت ماڻيندڙ ايوارڊ يافته استاد محمد يوسف جي وڇوڙي کي 19 ورهيه مڪمل ٿي ويا، سندس ورسي واري ڏهاڙي تي کيس ڪنهن به ياد ڪو نه ڪيو، ثقافتي اداري به کيس وساري ڇڏيو، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مقبوليت ماڻيندڙ محمد يوسف 14 جنوري 1942ع ۾ حيدرآباد جي ٽنڊي طيب ويجهو ٽئين نمبر تلاءُ جي دين علي شاهه پاڙي ۾ لونگ فقير جي گهر ۾ اک کولي، سندس والد بهترين ڍولڪ نواز پڻ هو. 10 سالن جي عمر ۾ محمد يوست راڳ سکڻ شروع ڪيو، ان کانپوءِ هن 1972 ريڊيو حيدرآباد تي سر مومل راڻي مان پهريون ڪلام ””راڻا رهه رات““ رڪارڊ ڪرايو، جنهن پوري سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي ان کانپوءِ 1980 ۾ هن پي ٽي وي تي ميرا پاڪستان آباد رهي، گيت رڪارڊ ڪرايو، جنهن محمد يوسف کي راڳ جي دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. استاد محمد يوسف جون هزارن جر تعداد ۾ ڪيسٽون اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن، موسيقي جو ڄاڻو ممتاز مرزا استاد محمد يوسف جي فن ۽ زندگي تي پڻ ڪتاب لکيو آهي. محمد يوسف سنڏ جي ناليوارن گائيڪن کان راڳ جي سکيا ورتي، انهن ۾ سڀ کان اڳ استاد منظور علي خان، سونا خان بلوچ، استاد امجد علي خان، استاد مبارڪ علي خان ، استاد غلام حسين شامل آهن، محمد يوسف ڪيترن ئي ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو، انهن ۾ بيلجيم، روس ڇين جرمني انگلينڊ دبئي ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محمد خان جوڻيجو، طالب المولا، ڄام صادق، ممتاز ڀٽو ۽ ٻيان حڪمران اڪثر ڪري استاد محمد يوسف کان سر راڻو ٻڌندا هئا، استاد محمد يوسف 2 شاديون ڪيون، پهرين 1964ع ۾ پنهنجي چاچي زنوار بسنت فقير جي ڌي سان ۽ ٻي سنڌ جي اڳوڻي گهرو سيڪريٽري يوسف لوڌي جي نياڻي سان شادي ڪئي، محمد يوسف واحد راڳي هو، جنهن پهريون شاهه لطيف ايوارڊ ماڻيو ۽ هن کي صدارتي ايوارڊ ، چار ڀيرا قلندر لعل شهباز ايوارڊ ۽ ٽي ڀيرا سچل سرمست ايوارڊ ماڻڻ سان گڏوگڏ هن ڪيترائي غير سرڪاري ايوارڊ شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ماڻيا ،راڳي محمد يوسف 14 فيبروري 1947 تي لاڏاڻو ڪري ويو، هيترو عرصو گذرڻ باوجود اڄ به هو عوام ۾ ايترو ئي مقبول آهي......

خبرون