تازه ترين
پاڪ آمريڪا تڪرار، آمريڪا متحرڪ ٿي ويو، ٻنهي ملڪن کي پرامن رهڻ جو مشورو

پاڪ آمريڪا تڪرار، آمريڪا متحرڪ ٿي ويو، ٻنهي ملڪن کي پرامن رهڻ جو مشورو، ڀارت ۽ پاڪستان ڇڪتاڻ کي نه وڌائين، مسئلي جو حل ڪڍيون ٿا، آمريڪا جو ٻنهي ملڪن تي زور، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، پاڪستان، ڀارت جي پرڏيهي وزيرن سان جلد ڳالهائيندو، آمريڪي پرڏيهي ترجمان ٽيمي بروس جي پريس بريفنگ، چوي ٿي، پهلگام حملي کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران صورتحال وڌيڪ خراب نه ڪئي وڃي، ڪشمير جي صورتحال تي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي سان رابطو ڪيو پيو وڃي ۽ کين چيو پيو وڃي ته ڇڪتاڻ ۾ واڌارو نه ڪن، ٻنهي ڌرين کي چيو پيو وڃي ته هـُو ذميواراڻو حل ڪڍن ڇو ته دنيا صورتحال ڏسي رهي آهي

خبرون