تازه ترين
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اِي وي ٽيڪسي منصوبي تي عملدرآمد لاءِ اهم اجلاس

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اِي وي ٽيڪسي منصوبي تي عملدرآمد لاءِ اهم اجلاس، وڏي وزير جو سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار قاسم نويد قمر به شريڪ، اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروعاتي طور تر هڪ سئو اِي وي ٽيڪسيز روڊ تي آڻڻ تي اتفاق، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ جي عوام کي بهترين سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، سڄي دنيا ۾ اي وي ٽيڪسي سروس فعال آهي ۽ سنڌ حڪومت صوبي ۾ خانگي شعبي جي سهڪار سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ماحول دوست اِي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ چاهي ٿي، ماحول دوست اِي وي ٽيڪسي سان ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي.

خبرون