تازه ترين
غير قانوني ڪال سينٽر ڪيس، ارمغان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ڏکڻ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ غير قانوني ڪال سينٽر هلائڻ جي ڪيس ۾ جوابدار ارمغان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت غير قانوني ڪال سينٽر هلائڻ جي ڪيس ۾ جوابدار ارمغان جي جسماني ريمانڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جاچ آفيسر چيو ته جوابدار تي غير قانوني ڪال سينٽر هلائڻ ۽ ڊجيٽل ڪرنسي منتقل ڪرڻ جو الزام آهي. عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته جوابدار هاڻي ڪٿي آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته جوابدار ٻئي ڪيس ۾ جيل ۾ آهي. عدالت چيو ته جوابدار ڪهڙي جيل ۾ آهي؟ ارمغان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو وڃي.

خبرون