وزيراعظم سان آمريڪي پرڏيهي وزير جو فون تي رابطو
، شهباز شريف پاران مارڪو روبيو کي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان آگاهي، ڀارت جو چڙ ڏياريندڙ رويو انتهائي مايوس ڪندڙ قرار، پاڪستان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪري ٿو، ڀارت جو ڪاوڙ ڏيارڻ وارو عمل دهشتگرديءَ جي خلاف پاڪستان جي جاري ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن کي يقيني بڻائڻ جو اڪيلو رستو آهي، دهشتگرديءَ خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان 90 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ڪري چڪو آهي، دهشتگردي سبب پاڪستان کي 152 بلين ڊالرز کان وڌيڪ معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، وزيراعظم جي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو طرفان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور..