تازه ترين
سنڌ جي عوام کي بهترين سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ جي عوام کي بهترين سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اِي وي ٽيڪسي منصوبي تي عملدرآمد لاءِ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وڏي وزير جو سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار قاسم نويد قمر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خانگي ٽيڪسي سروس فراهم ڪندڙن ڪريم، اوبر، ان ڊرائيو ۽ يانگو جي نمائندن سان گڏوگڏ اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپنين، سنڌ بينڪ، بينڪ اسلامي جي آفيسرن ۽ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروعاتي طور تي هڪ سئو اِي وي ٽيڪسيون روڊ تي آڻڻ تي اتفاق ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ جي عوام کي بهترين سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اي وي ٽيڪسي سروس فعال آهي ۽ سنڌ حڪومت صوبي ۾ خانگي شعبي جي سهڪار سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ماحول دوست اِي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ چاهي ٿي، ماحول دوست اِي وي ٽيڪسي سان ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت بااختيار عورتن جي تصور کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عورتن لاءِ هڪ خاص اي وي پنڪ ٽيڪسي سروس فراهم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي، جنهن ۾ ڊرائيور ۽ مسافر ٻئي صرف عورتون هونديون، ۽ هي اسان جو منفرد تصور آهي. سندس چوڻ هو ته اي وي ٽيڪسي سروس ڊرائيورن کي روزگار فراهم ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي، ڇاڪاڻ ته هڪ ٽيڪسي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڊرائيور هلائيندا. سنڌ جي سينيئر وزير ٽيڪسي ڊرائيورن جي مناسب تربيت، انهن جي ڪردار جي سرٽيفڪيٽ ۽ پوليس جي تصديق کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾، سنڌ جي وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ لاءِ خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر، اي وي ٽيڪسي سروسز فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کاتي پاران فراهم ڪيل مراعتن بابت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت سان گڏ، بينڪون ۽ خانگي سيڙپڪار پڻ اي وي ٽيڪسي منصوبي ۾ سيڙپڪاري ۾ حصو وٺي سگهن ٿا ۽ ان سلسلي ۾، دلچسپي رکندڙ پارٽيون جلد کان جلد پنهنجون تجويزون جمع ڪرائين. سينيئر وزير چيو ته اي وي ٽيڪسي سروس جي شروعات سان چنگچي رڪشا هلائيندڙن کي مايوسي ٿيندي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن شرڪت ڪندڙن کي اي وي ٽيڪسي سروس جي حوالي سان فراهم ڪيل سهولتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته شروعاتي طور تي 100 اي وي ٽيڪسيون پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت روڊن تي آنديون وڃن. اجلاس ۾ سنڌ بينڪ جي اسد علي شاهه، سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خضر پرويز، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جا آفيسر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.

خبرون