تازه ترين
سنڌ جي وقتي گورنر اويس قادر شاهه پاران پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي کين ڀيٽا پيش

وقتي گورنر ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاھه پاران پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي وقتي گورنر ايوس قادر شاهه جو چوڻ آهي ته محنت ڪندڙ ملڪ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته محنت ڪندڙن کي سماجي تحفظ، تعليم ۽ صحت جون سھولتون فراھم ڪرڻ اسان جي ترجيح آھي. اويس قادر شاھه چيو ته سنڌ حڪومت مزدورن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ پرعزم آھي، سنڌ اسيمبلي مزدور دوست پاليسين جي مڪمل حمايت ڪري ٿي.

خبرون