تازه ترين
ڪراچي: گلشن حديد ۾ ڪوچ ڪلٽي، 4 ڄڻا فوت، 25 زخمي

ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي ۾ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب4 ڄڻا فوت ۽ 25 مسافر زخمي ٿي پيا. لنڪ روڊ ويجھو حادثي ۾ عبدالغفور، غلام فريد، مسمات ڪوثر ۽ مسمات پناهه فوت ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

خبرون