تازه ترين
سنڌ حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي:محمد بخش مهر

سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سن حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي. هڪ بيان ۾ صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد ۾ “يوٿ سٽيزن جرنلزم پروگرام” ۽ “يوٿ ايمرجنگ اسٽار پروگرام” شروع ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ڇهن ڊويزنن ۾ نوجوانن لاءِ “ڪيپسٽي بلڊنگ” ۽ “ڊجيٽل اسڪل ٽريننگ” جهڙا جديد پروگرام به شروع ڪيا ويندا، جن جو مقصد نوجوانن کي تربيت، شعور ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. سردار محمد بخش مهر موجب “يوٿ سٽيزن جرنلزم پروگرام” تحت نوجوان صحافين کي تربيت ڏني ويندي، ته جيئن اهي پنهنجن علائقن جا مسئلا، واقعا ۽ مثبت ڪهاڻيون موثر انداز ۾ دنيا آڏو آڻي سگهن، نوجوان صحافت جي ذريعي سماج ۾ شعور، ڄاڻ ۽ آگاهي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته “يوٿ ايمرجنگ اسٽار پروگرام” نوجوانن ۾ لڪيل صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽفارم ثابت ٿيندو، ان پروگرام هيٺ فن، ثقافت، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ باصلاحيت نوجوانن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏنا ويندا. صوبائي وزير چيو ته “ڪيپسٽي بلڊنگ پروگرام” نوجوانن جي ٽيم ورڪ، قيادت ۽ رابطي جهڙين اهم مهارتن کي وڌائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت مختلف ورڪشاپس، سيمينارز ۽ تربيت سيشنز جو انعقاد ڪيو ويندو. ڊجيٽل دور جي ضرورت کي محسوس ڪندي، راندين واري وزير محمد بخش مهر چيو ته “ڊجيٽل اسڪل ٽريننگ پروگرام” پڻ شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ نوجوانن کي ويب ڊويلپمينٽ، گرافڪ ڊيزائيننگ، سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ، ڊيٽا انٽري ۽ ٻين آن لائن پليٽفارمز جي استعمال جي تربيت ڏني ويندي، ان پروگرام ذريعي نوجوانن لاءِ نوان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اهي ڊجيٽل دنيا ۾ هڪ فعال ۽ بااعتماد شهري طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا.

خبرون