ڪراچي: ڪسٽم جي ڪارروائي، 14 هزار ڪلو گڏهن جون کلون هٿ
ڪراچي ۾ ڪسٽم اختيارين ڪارروائي ڪري ڪروڙين روپين جي گڏهن جون کلون هٿ ڪري ورتيون. ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته سائوٿ ايشيا پاڪستان پورٽ تي ڪارروائي دوران هڪ ڪنٽينر مان 14 هزار ڪلو کلون هٿ ڪيون ويون. ڪسٽم اختيارين موجب هٿ ڪيل گڏهن جي کلن جي ماليت 8 ڪروڙو روپيا آهي. ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته ضبط ٿيل گڏهن جون کلون ڪسٽم اهلڪارن پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ڪسٽم اختيارين موجب جوابدارن خلاف ڪسٽم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.