تازه ترين
بلوچستان جي علائقي بليده ۾ سوزوڪي ڪلٽي، 3 ڄڻا فوت، 7 زخمي

بلوچستان جي علائقي بليده ۾ بريڪ فيل ٿيڻ سبب سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا فوت ۽ ست زخمي ٿي پيا. تربت روڊ تي سوزوڪي بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿيڻ بعد کاهيءَ ۾ ڪِري پئي. حادثي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 7 مسافر زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حُالي ڪيو ويو.

خبرون