تازه ترين
رتوديرو: سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن  جي  فائرنگ ۾  هڪ ڄڻو مارجي ويو

رتيديري ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا ٻوسڻ ۾ گوليون لڳڻ سبب واحد بخش لهر مارجي ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀائٽي جاويد لهر ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي ذات وارن محرم بابو غلام حيدر ۽ شمن لهر وارن سان سڱاوتي تڪرار هو جنهن جو فيصلو به ٿيو جنهن جو اسان ڏنڊ ڏوهه به ڀري ڏنو باوجود به ڄاڻايل جوابدارن اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري منهنجي چاچي کي بيگناه قتل ڪري ناحق ڪيو آهي . هن ڊي آءِ جي ۽ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته اسان سان انصاف ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

خبرون