اسان امن چاهيون ٿا، پر ان کي اسانجي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: پاڪستاني سفير
آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته اسان امن چاهيون ٿا، پر ان کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. پاڪستاني سفير آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته جيڪڏهن ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي اڳرائي ٿي ته ڀرپور جواب ڏينداسين. آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي سفير سرحدن تي غير يقيني صورتحال تي چيو ته اهو چوڻ ناممڪن آهي ته جيڪڏهن ٻه ايٽمي طاقتون آمهون سامهون ٿين ته صورتحال ڇا هوندي. هن چيو ته اسان جي معاشي ترقي لاءِ امن جي ضرورت آهي، پر اسان هڪ باوقار امن تي يقين رکون ٿا. آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ چيو ته ڀارت اڃا تائين پهلگام واقعي جو ڪو به ثبوت فراهم نه ڪيو آهي، ڀارت پنهنجي ظالماڻي پاليسين ۽ انتظامي خامين جو بار پاڪستان تي نٿو وجهي سگهي. ڪشمير جي صورتحال تي هن چيو ته 7 لک فوجين جي موجودگي سان به ڀارت والاريل ڪشمير ۾ امن کي يقيني نٿو بڻائي سگهي، تنهن ڪري هي ڀارت لاءِ پريشاني جو لمحو آهي.