ڪي پي، ڪشمير ۽ پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان
خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي موسميات کاتي موجب، اڄ به خيبرپختونخواهه، ڪشمير، اسلام آباد، پوٺوهار خطي، اتر اوڀر، وچ پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته ڪجهه هنڌن تي ڳَڙَي ۽ تيز برسات جو به امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، رات جي وقت مٿانهين سنڌ ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ مينهن جو امڪان آهي.