چين ڀارت طرفان پاڪستان تي ٿيل حملي تي ردعمل ظاهر ڪندي ان کي افسوسناڪ قرار ڏئي ڇڏيو
چين ڀارت طرفان پاڪستان تي ٿيل حملي تي ردعمل ظاهر ڪندي ان کي افسوسناڪ قرار ڏئي ڇڏيو، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال تي ڳڻتي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت هڪٻئي جا پاڙيسري هئا، آهن ۽ رهندا، چين هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مخالفت ڪري ٿو، ڌرين تي زور ڏيون ٿا ته امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفاد ۾ ڪم ڪن، صبر کان ورتو وڃي