پاڪستان ابدالي ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو
پاڪستان ابدالي ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، آءِ ايس پي آر موجب ابدالي ميزائل زمين کان زمين تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ابدالي ميزائل جي رينج ساڍا چار سئو ڪلوميٽر آهي، تجربي جو مقصد آپريشنل تيارين کي يقيني بڻائڻ آهي، پاڪستان پاران اسٽريٽجڪ فورسز جي آپريشنل تياري ۽ ٽيڪنيڪي مهار تي مڪمل اعتماد جو اظهار، صدر ۽ وزيراعظم پاران ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي واڌايون، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس پاران به ڪامياب تجربي تي مبارڪون