تازه ترين
پاڪستاني هوائي فوج ميزائلن سان ليس هندستاني رافيل جهازن کي ڪيئن پٺتي ڌڪي ڇڏيو؟ تفصيل پڌرا

پاڪستان جي هوائي فوج 29 ۽ 30 اپريل واري رات هندستان جي پاڪستان ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ ڀارت جي چئن جديد رافيل جهازن کي پٺتي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. خانگي ٽي وي جي اينڪر شهزاد اقبال معاملي جا تفصيل سامهون آندا آهن. اينڪر شهزاد اقبال، ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته چار ڏينهن اڳ، چار هندستاني رافيل جهازن پاڪستان ۾ زميني آپريشن لاءِ امبالا ايئر بيس تان اڏام ڀري هئي. اهي جهاز هوا کان زمين تي مار ڪندڙ ميزائلن سان ليس هئا. اهي جهاز صرف 40,000 فوٽ جي بلندي تي اڏامي رهيا هئا جڏهن پاڪستان جي هوائي دفاعي نظام اليڪٽرانڪ وارفيئر اثاثن ذريعي رافيل جهازن جي آن بورڊ سينسرز کي جام ڪري ڇڏيو، جنهن انهن جهازن ۽ زمين سان رابطو ڪٽي ڇڏيو. ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ايئر فورس جا J10C جهاز به هوا ۾ هئا. پاڪستان جي هوائي فوج جي اثرائتي جواب جي ڪري، هندستاني جهازن کي امبالا واپس وڃڻ بدران سرينگر ۾ هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي.

خبرون