ڀارت جي هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي تي انڌاڌنڌ فائرنگ، پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب
*ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر لائن آف ڪنٽرول تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جو پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب ڏنو سيڪيورٽي ذريعن موجب،ڀارت آچر جي رات ڪيترن ئي هنڌن تي پاڪستاني پوسٽن تي بنا جواز فائرنگ ڪئي، ڀارت ايل او سي تي نڪيال، کوئي رٽا، شاردا، ڪيل سيڪٽرز، نيلم ۽ حاجي پير سيڪٽرز ۾ بنا جواز فائرنگ ڪئي تنهن بعد پاڪ فوج انهن سيڪٽرز ۾ دشمن جي بنا جواز فائرنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو پاڪ فوج دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اها صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي طرفان علائقائي امن کي خطري ۾ وجهڻ جي ڪوشش قرار ڏني پئي وڃي.