ڀارتي قدم خطي ۽ دنيا ۾ امن جي لاءِ خطرو آهن:اسحاق ڊار
ڀارتي قدم خطي ۽ دنيا ۾ امن جي لاءِ خطرو آهن، ڀارت خطي کي جنگ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان الرٽ آهي، ڀارت جارحيت ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين، پهلگام حملي جو مقصد ڀارت ۾ جاري تحريڪن تان ڌيان هٽائڻ آهي، ڀارت خطي ۾ لکين ماڻهن جي زندگين کي خطرن ۾ وجهي رهيو آهي، ڪيترين ئي ڀارتي رياستن ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن:نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير ۾ گڏيل قومن جي ٺهرائن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون ويون، ڀارتي پابندين بعد قومي سلامتي ڪميٽيءَ اهم فيصلا ڪيا، ڪميٽي جي فيصلن تي بنا دير عملدرآمد ڪيو ويو، ڀارت هڪطرفي طور سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو مجاز ناهي، معاهدو معطل ڪرڻ عالمي قانونن جي ڀڇڪڙي آهي،پنهنجي حصي مان پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ڪنهن کي نه ڏينداسين ، پاڪستان هميشه خطي ۾ امن کي هٿي وٺرائي آهي، ڪشمير ۽ فلسطين مسئلن جو حل اڻٽر آهي