تازه ترين
صدر آصف علي زرداريءَ جون چيني سفير چيانگ زئـَي ڊونگ سان ملاقات

ڀارتي قدمن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرا آهن:صدر آصف علي زرداريءَ جون چيني سفير چيانگ زئـَي ڊونگ سان ملاقات دوران ڳالهيون، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پهلگام واقعي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر آصف زرداريءَ ڀارتي حڪومت جي غير ذميواراڻن ۽ جارحاڻن بيانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ ۽ لاڳيتو حمايت ڪرڻ تي چيني حڪومت جا ٿورا مڃيا، چيني سفير چيو ته پاڪستان ۽ چين فولادي ڀائر آهن، هميشه ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، چين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي گڏيل ڪوششن جي حصول لاءِ هميشه پاڪستان جي حمايت ڪندو

خبرون