تازه ترين
ڀارت پاران آبي دهشتگردي جاري، بگليهار ڊيم ذريعي پاڪستان ڏانهن ايندڙ پاڻي روڪڻ شروع

*ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان خلاف آبي دهشتگردي ڪندي بگلِيهار ڊيم ذريعي پاڪستان ڏانهن ايندڙ پاڻي کي روڪڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب چناب درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽتائي اچي وئي آهي. انظاميا موجب گذريل ڏينهن هيڊ مرالا وٽ چناب درياهه ۾ پاڻي جي آمد 87 هزار ڪيوسڪ هئي، جيڪا هاڻي گھٽجي 10 هزار 800 ڪيوسڪ تائين پهچي وئي آهي، جيڪا هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارت جو ايندڙ قدم ڪشمير جي ڪشن گنگا ڊيم مان به پاڻي روڪڻ جو آهي، جنهن سان جهلم درياهه ۾ به پاڻي جي کوٽ جو خدشو وڌي ويو آهي. ياد رهي ته پهلگام ۾ سياحن تي ٿيل حملي کان پوءِ ڀارت بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان خلاف الزام تراشي شروع ڪئي ۽ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ، گڏوگڏ سفارتي عملي کي 30 اپريل 2025 تائين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو. ان سان گڏوگڏ، ڀارتي حڪومت پاڪستان بابت ڪيترائي جارحاڻا قدم کنيا، جن ۾ پاڪستانين جا ويزا رد ڪرڻ به شامل آهن.....

خبرون