تازه ترين
ڪوئيٽا : نوشڪي ۾ آئل ٽينڪر کي باهه لڳڻ سبب زخمي ٿيل وڌيڪ 5 ڄڻا فوت

ڪوئيٽا : نوشڪي ۾ آئل ٽينڪر کي باهه لڳڻ سبب زخمي ٿيل وڌيڪ 5 ڄڻا فوت *بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ آئل ٽينڪر کي باهه لڳڻ سبب زخمي ٿيل وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 18 ٿي ويو آهي بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ مزدا کي باهه لڳي وئي، علائقي واسي رونشي تي گڏ ٿيا هئا ته تنهن دورا مزدا ڌماڪي سان ڦاٽي پئي جنهن سبب ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. محمد شاڪر، محمد ادريس، محمد اسلم ۽ جابر سميت 5 ڄڻن علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته زخمين جو ڪوئيٽا ۽ ڪراچي جي اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي.

خبرون