عطار تارڙ ملڪي ۽ پرڏيهي صحافين کي ايل او سي جو دورو ڪرايو
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ عالمي ۽ ملڪي ميڊيا کي لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪرائي ڀارت پاران پاڪستان خلاف لڳايل دهشتگردي جي ڪيمپن وارن الزامَن کي بي بنياد قرار ڏئي وائکو ڪري ڇڏيو عطا الله تارڙ جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان گھڙي گھڙي پاڪستان تي ڪوڙا الزام مڙهيا وڃن ٿا، پر اسان عالمي ۽ پاڪستان جي صحافين جي سامهون حقيقي حالتون پيش ڪيون آهن ته جيئن دنيا کي اصل حقيقتن جو علم ٿي سگهي. عطا تارڙ دوري دوران پاڪستاني ۽ پرڏيهي صحافين کي انهن هنڌن تي وٺي ويو، جتي ڀارت مبينا دهشتگردي جا ٺڪاڻا هجڻ جا الزام لڳايا هئا. صحافين پاڻ زميني حقيقتن جو مشاهدو ڪيو ۽ مقامي ماڻهن جون شاهديون ٻڌيون. عطا الله تارڙ چيو ته ڀارت جن هنڌن کي خيالي دهشتگرد ڪيمپس سڏيندو آهي، اُهي هنڌ هاڻي دنيا جي سامهون آهن، ۽ ڀارتي پروپيگنڊا وائکي ٿي چڪي آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي دوران ڀارت پاران ٻه ڀيرا لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي هئي.