ايندڙ مالي سال ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ گهٽتائي جو امڪان
ايندڙ مالي سال ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ گهٽتائي جو امڪان، ذريعن موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسيءَ بجلي خريداري جي قيمت ۾ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، نيپرا پاران درخواست تي 15 تي ٻڌڻي ڪئي ويندي، ايندڙ مالي سال بجلي واهپيدارن لاءِ 140 ارب کان 400 ارب روپين تائين رليف جو امڪان آهي