تازه ترين
ايران ۽ پاڪستان کي گڏجي اسرائيلي حڪومت کي غزا ۾ ڏوهن کان روڪڻ گهرجي:آيت الله خامنه اِي

ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اِي فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته ايران ۽ پاڪستان کي گڏجي اسرائيلي حڪومت کي غزا ۾ ڏوهن کان روڪڻ گهرجي، افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪجهه مسلمان ملڪ اسرائيلي حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيا آهن،گڏيل سهڪار ذريعي ايران ۽ پاڪستان مسلم دنيا ۾ اهم ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، آيت الله خامنه اِي پاڪ ڀارت تڪرار ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرار جو حل ڪڍيو ويندو

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio