پاڪستان ۽ ايران زائرين جي لاءِ بارڊر 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو: محسن نقوي
پاڪستان ۽ ايران زائرين جي لاءِ بارڊر 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ايران جي هم منصب اسڪندر مومني سان ملاقات، اتفاق ڪيو ويو ته اربعين ۽ محرم الحرام دوران پاڪ ايران بارڊر زائرين لاءِ 24 ڪلاڪ کــُليل رهندو، زائرين جي سهولت ۽ مسئلن جي تڪڙي حل لاءِ هاٽ لائين جي قيام جو به فيصلو ڪيو ويو، زائرين جي سڪيورٽي لاءِ اڏامن جو انگ وڌائڻ تي پڻ اتفاق، گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته زائرين کي سهولتن جي فراهمي تي ايراني حڪومت جا ٿورائتا آهيون، هاٽ لائين جي قيام سان اشوز کي بنا دير حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي