تازه ترين
سنڌ حڪومت، اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ 27 سئو کان وڌيڪ شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ حڪومت، اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ 27 سئو کان وڌيڪ شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ حڪومت جِي ترجمان سمعتا افضال سيد جو چوڻ آهي ته اسڪالرشپ ذريعي سنڌ جا شاگرد سڄي ملڪ جي 90 کان مٿي سرڪاري توڙي خانگي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري سگهندا، سنڌ حڪومت موجودا 4 هزار 877 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم جاري رکڻ لاءِ اسڪالرشپ جي تجديد به ڪئي آهي، هن سال سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ مان فائدو حاصل ڪندڙ شاگردن جو ٽوٽل انگ 7 هزار 600 ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت طرفان صوبي جي شاگردن لاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ به اسڪالرشپ ڏني پئي وڃي

خبرون