بجيٽ جي معاملي تي سنڌ ۽ وفاق آمهون سامهون
بجيٽ جي معاملي تي سنڌ ۽ وفاق آمهون سامهون، سنڌ سان وفاق جي ڪالوني جهڙو ورتاءُ ڇو ڪيو پيو وڃي؟ سينيٽ جي پلاننگ اينڊ ڊولپيمينٽ ڪميٽي جو چيئرپرسن سينيٽر قرت العين مري جي صدارت هيٺ اجلاس، ڪميٽي جو پي ڊبليو ڊي جا منصوبا سنڌ ۾ نه ڏيڻ تي احتجاج، سمورن صوبن کي هڪ نظر سان ڏسڻ جي سفارش، ڪميٽيءَ وفاقي وزير احسن اقبال جو بيان رد ڪري ڇڏيو، ڪميٽي سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کي هدايت ڪئي ته ڪميٽي جا خدشا لاڳاپيل وزير تائين پهچايا وڃن ،چيئرپرسن قرت العين مري جو چوڻ آهي ته سنڌ سان وفاق جي ڪالوني جهڙو ورتاءُ ڇو ڪيو پيو وڃي؟ سنڌ جي وڏي وزير پي ڊبيلو ڊي جي پراجيڪٽس بابت پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو آهي، فيصلو ٿيو هو ته پي ڊبيلو ڊي جا منصوبا سنڌ کي ڏنا ويندا، ٻين صوبن کي منصوبا ڏنا پيا وڃن ۽ صرف سنڌ کي اهي منصوبا نه پيا ڏنا وڃن اسانکي وفاق جي اهڙن قدمن تي سخت ڳڻتي آهي سنڌ کي اَن فيئرلي ٽريٽ ڪيو پيو وڃي