تازه ترين
ڪراچي:پ پ اڳواڻ پير عبدالرشيد جي جنازي نماز ادا

ڪراچي:پ پ اڳواڻ پير عبدالرشيد جي جنازي نماز ادا *پيپلز پارٽي اڳواڻ پير عبدالرشيد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پير الاهي بخش جي پٽ پير عبدالرشيد جي جنازي نماز پي آءِ بي ڪالوني ڪراچي جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ اڳوڻي سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق، قومي اسيمبلي جي ميمبر فاروق ستار، صوبائي اسيمبلي ميمبر بئريسٽر پير مجيب الحق، گوهر گروپ جي سربراهه حنيف گوهر، اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ مختلف سياسي، سماجي ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نمازي بعد مرحوم جو مڙهه سندس والد مرحوم پير الاهي بخش جي مزار اندر مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. پير عبدالرشيد سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پير الاهي بخش جو ننڍو پٽ هو. پير عبدالرشيد پنهنجي پيءُ جي مشن کي وقار سان اڳتي وڌايو، هو پيپلز پارٽي جو هڪ مخلص ڪارڪن ۽ پي آءِ بي هائوسنگ سوسائٽي جو تاحيات صدر هو. پير عبدالرشيد جي زندگي ديانتداري، رحمدلي ۽ اصول پسند قيادت جو هڪ نمونو هئي. پير عبدالرشيد جي سرپرستي هيٺ، پي آءِ بي ڪالوني جيڪا سندس والد پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پناهگيرن لاءِ قائم ڪئي هئي،اتحاد، ثابت قدمي ۽ اجتماعي ترقي جي علامت رهي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio