تازه ترين
پاڪستان ايران تي اسرائيلي جي جارحيت جي ڀرپورٽ مذمت ڪئي: وزير اعظم

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايران تي اسرائيلي جي جارحيت جي ڀرپورٽ مذمت ڪئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عالمي برادري ايران- اسرائيل فوري جنگ بندي لاءِ ڪردار ادا ڪري. سندس چوڻ هو ته ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان موجده صورتحال تي تفصيلي ڳالھه ٻولھه ٿي، ايراني صدر سان پاڪستاني عوام طرفان ٻڌي جو اظھار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايران-اسرائيل جنگ ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي، غزا جي صورتحال به انتھائي ڳڻتي جوڳي آھي، پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿيو. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي پارليامينٽ ۾ بحث جاري آھي، زراعت تي ڪوبه ٽيڪس نه لڳايو ويو آھي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻڻ حڪومت ترجيحن ۾ شامل آھن. شھباز شريف جو چوڻ وه ته بجيٽ ۾ پگھارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آھي، 6 کان 12 لک آمدني تي ٽيڪس هڪ سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. سندس چوڻ هو ته دھشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آھيون، سيڪيورٽي ادارن جي سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام هڪ ھزار ارب رپين جو آھي، سخت محنت ڪرڻ کانپوءِ معيشت ۾ استحڪام آيو آھي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio