سکر: شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي 2 جولاءِ تائين ملتوي
سکر جي عدالت شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 2 جولا ءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سکر جي جج عبدالرحمان قاضي جي عدالت شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران فريادي ڪرم الله مهر ۽ ڪيس جا شاهد سيڪيورٽي خدشن سبب پيش نه ٿي سگهيا عدالت وڪيلن جي مهلت واري درخواست سبب شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي 2 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي واضح رهي ته شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جو مرڪزي جوابدار شيرل مهر فوت ٿي چڪو آهي قتل ڪيس ۾ نامزد سهولتڪار 6 جوابدار بخشل مهر، بابر مهر، منور مهر، شير محمد شيخ، محمد رمضان شيخ ۽ ماستر بشير مهر ضمانت تي آزاد ٿيل آهن سکر پوليس هن مهل تائين قتل ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار جمن عرف جمعو مهر، گلزار مهر، روشن مهر، نصير مهر، محسن مهر ۽ ٻين کي گرفتار ناهي ڪيو.
Designed & Developed by
Aftab Tunio