تازه ترين
نوجوان وڪيلن کي سينيئرز کان سکڻ گهرجي: چيف جسٽس يحييٰ آفريدي

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس يحييٰ آفريدي چيو آهي ته اسان جي نوجوان وڪيلن کي پنهنجن سينيئرن کان سکڻ گهرجي. پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته نئين چونڊيل ڪابينا کي آئين ۽ قانون موجب پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. چيف جسٽس چيو ته ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، پر جيڪڏهن ترقياتي منصوبن ۾ دير ٿي رهي آهي ته اسان ۽ وفاقي حڪومت ان لاءِ ڪم ڪنداسين.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio