پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آھي: سينيٽر شيري رحمان
پيپلزپارٽي جي سينيٽري شري رحمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آھي. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته حڪومتي خرچ ۾ اضافو ٿيو آھي، گھٽتائي ناھي ٿي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ ۽ فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا نظر اچي رھيا آھن، افسوس جي ڳالھه آھي ته ماحوليات واري وزارت جو بجيٽ گھٽ ڪيو ويو آھي، ماحوليات واري وزارت جو خرچ 7 ارب مان گھٽائي 3 ڏھائي 1 ارب رپيا رکيو ويو آھي. شيري رحمان جو چوڻ هو ته قرضن اسان جي معيشت کي متاثر ڪيو آھي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ گرمي جي شدت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رھيو آھي. پ پ سينيٽر چيو ته آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو
Designed & Developed by
Aftab Tunio