تازه ترين
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث هلندڙ،حڪومتي ميمبرن پاران بجيٽ عوام دوست قرار

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث هلندڙ،حڪومتي ميمبرن پاران بجيٽ عوام دوست قرار، ڊاڪٽر سهراب سرڪي جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ صحت کاتي کي وڌيڪ فوڪس ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ سنڌ جهڙو بهترين نظام ناهي، اپوزيشن جي حڪومت تي تنقيد،اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي جو چوڻ آهي ته وڏي وزير کي اپوزيشن صرف بجيٽ جي وقت ياد ايندي آهي، بجيٽ سيشن ۾ احتجاج جو اسان پهريان کان اعلان ڪيو هو، بجيٽ تجويزن ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽيز کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، افسوس جي ڳالهه آهي ته اسانجي احتجاج کي ايران جي حق ۾ قرارداد ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش چيو ويو، بجيٽ اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم ميمبر سڄي سنڌ جو ڪيس پيش ڪندا ڪراچي لاءِ منصوبا رکيا ويندا آهن پر پئسا خرچ نه ٿيندا آهن، وفاقي حڪومت ڪراچي جي منصوبن جا پئسا گهٽ رکيا آهن وفاق ڪراچي سان زيادتي ڪئي آهي

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio