پنجاب جي نئين مالي سال 2025ع ۽ 2026ع لاءِ 5 هزار 335 ارب روپين جي بجيٽ پيش
پنجاب جي نئين مالي سال 2025ع ۽ 2026ع لاءِ 5 هزار 335 ارب روپين جي بجيٽ پيش،ناڻي واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن جو سخت احتجاج، مخالف ڌر ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر ۽ ناڻي واري وزير آڏو اڇلائي ڇڏيون، اسپيڪر جي ڊائيس تي گهيراءُ به ڪيو ويو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو اضافي جي تجويز، تعليم لاءِ 811 ارب 80 ڪروڙ روپيا، صحت لاءِ 630 ارب 50 ڪروڙ، لوڪل گورنمينٽ لاءِ 411 ارب ۽ زراعت لاءِ 129 ارب 50 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا، ناڻي واري وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو ته سال جي 365 سالن ۾ 6 هزار 104 منصوبا مڪمل ڪيا ويا، سٿرو پنجاب پروگرام سان ملڪي تاريخي ۾ پهريون ڀيرو مثالي صفائي کي يقيني بڻايو، وزير اعليٰ مريم نواز جي عوام لاءِ خدمت جو پورو پنجاب شاهدي ڏئي رهيو آهي، اربين روپين جي منصوبن مان هڪ اسڪينڊل سامهون ناهي آيو سڄي پنجاب ۾ روڊ ٺهي رهيا آهن، اليڪٽرڪ بسون هلي رهيون آهن، نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا