تازه ترين
ايران جو اسرائيل تي ميزائلن ۽ جديد ڊرونز سان وڏو حملو

ايران اسرائيل تي ميزائلن ۽ جديد ڊرونز سان وڏو حملو ڪيو، تل ابيب ۽ حيفا کي نشانو بڻايو ويو. تازن حملن ۾ حيفا ريفائنري جا 3 ملازم مارجي ويا، ريفائنري جي پيداوار مڪمل طور بند ٿي وئي والاريل فلسطيني علائقن کي به نشانو بڻايو ويو، اسرائيل خلاف جديد ڊرون شاهد 107 جو استعمال ڪيو ويو. ايراني ميڊيا موجب، اسرائيلي جارحيت ايران کي مجبور ڪري ڇڏيو ته هـُو پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي دفاع ۾ حملا جاري رکن ۽ صيهوني جوابدارن تي ڪاري ضرب لڳائين. ايران طرفان ڪيرايل اسرائيل جي ايف-35 جهازن جو انگ 4 ٿي ويو، ايراني حملن ۾ هن وقت تائين 27 اسرائيلي مارجي ويا آهن ۽ 450 زخمي ٿي چڪا آهن. ايراني پاسداران انقلاب اسرائيلي شهرين کي تل ابيب خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio