تازه ترين
آمريڪا سان اقتصادي ڀائيواري کي ھٿي وٺرائڻ جا خواھشمند آھيون: ناڻي وارو وزير

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پاڪستان آمريڪا سان اقتصادي ڀائيوار کي هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چو هو ته ٻنھي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سھڪار کي وڌيڪ ھٿي وٺرائينداسين. هن چيو ته ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ صنعتن جي بھتري لاءِ ڪم ڪري رھيا آھيون. محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته ٽيڪس نيٽ، توانائي ۽ ايس او ايز ۾ سڌارا آڻي رھيا آھن. سندس چوڻ هو ته يو ايس ٽيرف تي آمريڪا سان ڳالھيون ٿيون آھن، اسان جي ايڪسپورٽ صنعت اڳتي وڌندي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio