تازه ترين
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن ۾ ڇڪتاڻ،هڪ ٻئي کي اُلرون

قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن ۾ ڇڪتاڻ دوان هڪ ٻئي کي اُلرون ڏنيو ويون قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪراچي کي سنڌ جو حصو سڏڻ تي شازيا مري جي بيان تي ايم ڪيو ايم ميمبر مڇرجي پيا. شازيه مري جو چوڻ آهي ته پي ڊبليو ڊي سان لاڳاپيل سنڌ جا منصوبا وفاقي وزارت کي ڏيڻ سازش آهي، ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ان جا منصوبا وفاق کي ڏيڻ وارو عمل قبول ناهي. ايم ڪيو ايم عورت ميمبر آسيه اسحاق چيو ته ڪراچي، اتان جي رهواسين جي آهي، منصوبا صحيح منتقل ٿيا آهن. آسيه اسحاق جي جملي کانپوءِ ٻنهي پارٽين جي ميمبرن ۾ ڏند چڪ شروع ٿي وئي، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن ۾ ايوان اندر 2 ٽي ڀيرا چڪريون ٿيون.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio