تازه ترين
سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ سنڌ حڪومت تي الزام لڳائڻ حافظ نعيم جي پراڻي عادت آهي: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته هر سال بجيٽ جي موقعي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ سنڌ حڪومت تي الزام لڳائڻ حافظ نعيم جي پراڻي عادت آهي. جماعت اسلامي جي امير جي بيان تي ردعمل ڏيندي سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته حافظ نعيم جنهن انداز ۾ الزام لڳايو آهي اهو حقيقت ۾ ان جي پنهنجي سياسي بي وزني جو اظهار آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي کي هميشه ترجيح ڏني آهي، تعليم ۽ صحت جي بهتري لاءِ جيترا قدم پيپلز پارٽي کنيا آهن اوترا تاريخ ۾ ڪنهن ناهن کنيا. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ تعليم، صحت، پاڻي ۽ انفرا اسٽرڪچر تي جيڪو ترقياتي ڪم ٿي رهيو آهي اهو پ پ جي عوامي خدمت جو ثبوت آهي. هن چيو ته حافظ نعيم کي جيڪڏهن سنڌ جي تعليمي نظام جي ڳڻتي هجي ها ته اهو آواز بلند ڪري ها. سنڌ جي سينيئر وزير جو چوڻ هو ته حافظ نعيم کي گهرجي ته اهو الزامن جي سياست بدران سنڌ جي عوام لاءِ هاڪاري سوچ رکي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي تعليمي بجيٽ رڳو انگ اکر نه آھن پر اھا زميني سطح تي اسڪولن جي بحالي، استادن جون ڀرتيون ۽ ٻين تعليمي پروگرامز ۾ نظر ايندي آھي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio