حافظ نعيم الرحمان سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ الزام ھڻي رھيو آھي: سمعتا افضال سيد
سنڌ حڪومت جي ترجمان سمعتا افضال سيد جو چوڻ آهي ته حافظ نعيم الرحمان سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ الزام ھڻي رھيو آھي. جماعت اسلامي جي امير جي بيان تي ردعمل ڏيندي سنڌ حڪومت جي ترجمان سمعتا افضال سيد جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت وفاق کان گھربل فنڊ نه ملڻ باوجود عوام دوست بجيٽ پيش ڪيو. هن چيو ته سنڌ بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ترجيحي بنيادن تي رقم رکي وئي آھي. سمعتا افضال سيد جو چوڻ هو ته اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي اسڪالرشپ فراھم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪينسر جي علاج ۽ دل جي مرض جو علاج سنڌ جي اسپتالن ۾ عوام کي مفت فراھم ڪيو پيو وڃي.
Designed & Developed by
Aftab Tunio