ايراني شهرين کي تهران شهر خالي ڪرڻ وارو بيان انهن جي تحفظ لاءِ ڏنو:ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ايراني شهرين کي تهران شهر خالي ڪرڻ وارو بيان انهن جي تحفظ لاءِ ڏنو. ڪينيڊا مان واشنگٽن واپسي تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران سان ڪنهن امن معاهدي جي ڳالهه ناهي ڪئي ايران کي چيو آهي ته ائٽمي پروگرام تي ڊيل ڪري. هن چيو ته ايران کي پيش ڪيل معاهدو قبول ڪرڻ گهرجي ها، ايران وٽ ائٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته جنگ بنديءَ کان بهتر حل جي ڳولا ۾ آهيان، ايران جڏهن ڳالهين لاءِ راضي ٿيندو تڏهن وفد موڪلينداسين.
Designed & Developed by
Aftab Tunio