تازه ترين
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير وچ ۾  ملاقات اڄ ٿيندي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير وچ ۾ ملاقات اڄ ٿيندي وائيٽ هائوس تصديق ڪندي چيو ته آمريڪي صدر اڄ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. مانجهاندي ۾ آمريڪي نائب صدر جَي ڊي وينس، ٽرمپ انتظاميه جا اهم عهديدار به شريڪ ٿيندا. وائيٽ هائوس چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير صدر ٽرمپ سان ڪابينا روم ۾ ملاقات ڪندو، صحافين کي ملاقات ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. جيڪڏهن صدر ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندو يا سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪندو ته هن ملاقات بابت ڪجهه تفصيل فراهم ضرور ڪندو. هڪ اعليٰ سيڪيورٽي ذريعن پڻ تصديق ڪئي آهي ته ملاقات اڄ آمريڪا ۾ ايسٽرن وقت موجب هڪ وڳي ٿيندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب رات ڏهه وڳي ٿيندي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio