تازه ترين
پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ پوليس تي حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ پوليس تي حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پاران درخواست تي فيصلو نه نه ٻڌائڻ خلاف حليم عادل شيخ جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته حليم عادل شيخ جو نالو فيروز آباد ۽ سولجر بازار ۾ داخل ٿيل ڪيسن ۾ شامل نه هو. هن چيو ته حليم عادل شيخ جو نالو شروعاتي چالان ۾ به نه هو، کيس ضمني چالان ۾ جوابدار طور شامل ڪيو ويو آهي. وڪيل چيو ته دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ آڪٽوبر ۾ ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي. هن چيو ته عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو، پر فيصلو اڃا تائين ناهي ٻڌايو ويو. عدالت جاچ آفيسرن کان 3 جولاءِ تائين جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio