تازه ترين
محرم جي حوالي سان فول پروف پلان تيار ڪيو وڃي: صوبائي گھرو وزير

صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته محرم الحرام جي حوالي سان فول پروف پلان تيار ڪيو وڃي صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت ھيٺ محرم الحرام جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته محرم الحرام کي اسان کي هڪ ٽيم جي حيثيت سان انتھائي پرامن بڻائڻو آھي. هن چيو ته سمورن آفيسرن جي ذميواري آھي ته ڪنٽي جينسي پلان ٺاھيو وڃي. صوبائي گھرو وزير وڌيڪ چيو ته پھرين کان 10 محرم تائين مجلس، جلوسن، اجتماعن جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻايو وڃي. سندس چوڻ هو ته مرڪزي جلوس جي رستن تي روف ٽاپ ڊپلائمينٽ کي يقيني بڻايو وڃي. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سمورن اسٽيڪ ھولڊرز کي آن بورڊ ڪيو وڃي، فورٿ شيڊول لسٽ ۾ شامل ماڻھن جي حوالي سان قانون موجب قدم کنيا وڃن. هن چيو ته محرم الحرام جي سيڪيورٽي جي حوالي سان سنڌ پوليس کي الرٽ رکيو وڃي. صوبائي گھرو وزير جو چوڻ هو ته سمورا ايس ايس پيز، ايس پيز ۽ اھلڪار پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio